SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


سائنس فڪشن


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

سائنس فڪشن

(Science Fiction)

سائنس فڪشن پنهنجي جوهر ۾ تخيل جي گهڻ پاسائين اڏام ۽ اظهار جو وسيلو آهي. اُن ڪري ئي سائنس فڪشن جا پلاٽ، ڪردار ۽ ٻيا سڀ لاڳاپيل معاملا مستقبل سان واسطو رکندڙ هوندا آهن. سائنس فڪشن صنف ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. هڪ ”هارڊ سائنس“ ۽ ٻي ”سافٽ سائنس“. هارڊ سائنس جا موضوع نيچرل سائنس رهيا آهن ۽ سافٽ سائنس جا موضوع سماجي سائنس بنيا. ان کانپوءِ، سائنس فڪشن ۾ ٻيا موضوع به داخل ٿيا، جيئن ممڪنات، تجسُسُ، جاسوسي ۽ ڊپ وغيره. جيتوڻيڪ، سائنس فڪشن ۾ انهيءَ قسم جي ادب کي گهڻي پذيرائي ڪانه ملي. پر ”ممڪناتي ۽ قياس آرائيءَ تي ٻڌل لکڻيون“ جيڪي فيوچرالاجيءَ جي زمري ۾ اچن ٿيون، تِن تي گهڻو ڪم ٿيڻ لڳو. سنڌي ادب ۾ محمد بخش جوهر (1909- 2010ع) جو نالو ”قياس تي بيٺل ادب“ ۾ سرفهرست آهي. جوهر جا ڪيترائي ڪتاب سائنس فڪشن جو اعليٰ نمونو آهن، جن ۾ ”اڏام کٽولو“ ، ”اڏامندڙ ٿالهيون“ ۽ ”ماڪوڙن جي فوج“ قابل ذڪر آهن. سنڌي ادب ۾ سائنس فڪشن جو پهريون ناول صاحبسنگهه چندا سنگ شاهاڻيءَ (1868-1931ع) ”تارن جو اڀياس“ کي چئي سگهجي ٿو. هِن ناول جو تاڃي پيٽو، اُن زماني جي ڪراچيءَ جي شهري زندگيءَ جي جهلڪ ڏئي ٿو. اهڙيءَ طرح اسين رشيده حجاب کي پهرين سنڌي ليکڪا چئي سگهون ٿا، جنهن سائنس فڪشن جي دائري ۾ ڪهاڻيون لکيون. جديد دور جي بدلجندڙ قدرن کي ذھن ۾ رکندي، سائنس فڪشن تي مبني قاضي فيض محمد(1908-1982ع) ”ٻاويھه سو ٻاويھه“(2222) ۾ لکيو. ھن ناول جي خاص ڳالھه اھا اھي تھ ان ۾ سائنسي ايجادن ۽ ترقيءَ کي ذھن ۾ رکندي مستقبل جو ھڪ سماجي ڍانچو تشڪيل ڏنو ويو اھي. ان کانسواءِ، ايڇ جي ويلز جي جڳ مشهور ڪتاب، ”وار آف دي ورلڊس“ جو نصير سارنگ سنڌي ۾ ترجمو بعنوان ”مريخ جو حملو“ ڪيو آهي، جيڪو سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ڇپايو آهي. اٿارٽيءَ کان سواءِ قاضي منظر حيات جا ٽي ڪتابڙا ”ناميارا سائنسدان“ ۽ هڪ تاب وقت ۽ امتحان (ايڊسين جي ڪهاڻي) ترجمو ۽ ولي رام ولڀ جو ترجمو ڪيل ڪتاب ”سائنسي ڄاڻ“ ۽ نصير سارنگ جو ترجمو ڪيل ڪتاب ”هڪ سؤ هڪ سائنسي رانديون“ به ڇپايا آهن. شمس الدين عرساڻيءَ جو ترجمو ٿيل سائنسي ڪهاڻين جو ڳٽڪو ”سائنسي افسانه“ قابل ذڪر نالا آهن. ان کان سواءِ سنڌيءَ ۾ ٻارن جي لاءِ ڪيتريون سائنسي ڪهاڻيون لکيون ويون يا ترجمو ڪيون ويون آهن، جيڪي سائنس رسالي ۽ ٻين رسالن ۾ ڇپيون آهن.


Remember Me Also:

همان

هَمان

ث . اسان جي .”اڄ هَمان سڀان تما“. (چوڻي).

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal